روم -14 جون (اي پي پي ) ترقي يا??ته معيشتن تي ٻڌل گروپ جي سيون روسي فوج سان وڙهڻ ۾ مدد لا??ِ يوڪرين کي 50 ارب ڊالرن جي وڏي رقم فراهم ڪرڻ جي مقصد سان منجمند روسي اثاثا استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بي بي سي موجب اٽلي جي ڏاکڻي شهر پگليا ۾ جي سيون سربراهي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته اهو قدم روس لا??ِ هڪ يادگي??ي ??هي ته اسان روس کان جنگ کٽڻ تائين يوڪرين جي حمايت کان پوئتي نه هٽي رهيا آهيون ۽ نه ئي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن اسان کي ڌار ڪ??ي ??گهي ٿو. رپورٽ موجب اها رقم هلندڙ سال جي آخر تائين به يوڪرين کي ملڻ جي اميد ناهي پر ان کي يوڪرين جي جنگي ڪوششن ۽ معيشت کي سهارو ڏيڻ لا??ِ هڪ ڊگهي مدي واري حل طور ڏٺو پيو وڃي. اٽلي ۾ جي سيون سربراهي اجلاس جي موقعي تي يوڪري جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن يوڪرين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 10 سالن جي سيڪيورٽي معاهدي تي صحيحون به ڪيون . 2022 ۾ روس جو يوڪرين تي حملي کان پوءِ يورپي يونين سان سهڪار سان جي سيون طرفان روس جي تقريبن 325 بلين ڊالر جي اثاثن کي منجمند ڪيو ويو هو . روس جي مرڪزي بينڪ جي مجنمند اثاثن مان وڌيڪ ا??اثا بيلجيئم ۾ رکيا ويا آهن، انهن اثاثن تي ساليانو اٽڪل ٽي بلين ڊالر وياج حا??ل ٿي رهيو آهي . جي سيون جي منصوبي موجب اهي ٽي بلين ڊالر يوڪرين جي لا??ِ 50 بلين ڊالر جي قرض تي ساليانو وياج جي ادائيگي لا??ِ استعمال ڪيا ويندا پر عالمي قانون تحت ملڪ روس مان انهن اثاثن کي ضبط ڪري يوڪرين کي نٿا ڏئي سگهن. يوڪريني صدر پنهنجي آمريڪي ۽ ٻين اتحادين جي حمايت جو شڪريو ادا ڪيو .
جي سيون پاران يوڪرين کي 50 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ منجمد روسي اثاثا استعمال ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین