اوٽاوا-04 جولاءِ (اي پي پي) ڪئنيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو ليفٽيننٽ جنرل جيني ڪريگنن کي ڪينيڊا جي هٿيار بند فوج (سي اي ايف) جي پهرين ??ورت سربراهه نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق هن گذريل ??ين??ن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيني ڪريگنن جيڪا هن وقت پروفيشنل ڪنڊڪٽ اينڊ ڪلچر جي سربراهه آهي ۽ کيس جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. هوءَ موجوده چيف آف دي ڊفينس اسٽاف (سي ڊي ايس) جنرل وين ??ئر جي جاءِ والاريندي. ڪينيڊا جي هٿياربند فوج مان رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آ??ي ته جيني ڪريگنن جو فوجي ڪيريئر 35 سالن تي ٻڌل آهي. سال 2008ع ۾ جيني ڪريگنن هٿياربند فوج (سي اي ايف) جي تاريخ ۾ جنگي هٿيارن جي يونٽ جي ڪمانڊ ڪندڙ پهرين ??ورت بڻي. هن افغانستان،بوسنيا هرزيگوينيا ۽ شام ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن 2019ع کام 2020ع تائين ??راق ۾ نيٽو مشن جي قيادت ڪئي. کيس 2021ع ۾ موجوده عهدي تي ترقي ڏني وئي. جيني ڪريگنن 18 جولاءِ تي منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ جنرل جي عهدي جي چارج سنڀاليندي.
ڪئنيڊا جي وزيراعظم پاران ليڊي ليفٽيننٽ جنرل کي هٿياربند فوج جي پهرين عورت سربراهه مقرر ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania