گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) غزه ۾ پوليو ويڪسينيشن مه?? هلائيندڙ گڏيل قومن جي امدادي اهلڪارن چيو آهي ته هو جن ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اهي پهريان ئي ??خت??ف بيمارين ۾ ورتل آهن ۽ گذريل 10 مه??نن کان وڌيڪ عرصي کان جاري جنگ سبب شديد خوف جو شڪار آهن. امدادي اهلڪارن مطابق غزه ۾ گذريل سال آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ هر 10 مان 9 فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ اهي بک، غذائي کوٽ ۽ بيماري جو شڪار آهن. فلسطين جي پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي ترجمان لوئيس واٽريج چيو آهي ته غزه جي مرڪزي حصي ۾ پوليو ويڪسينيشن مه?? دوران جن ٻارن سان هو رابطي ۾ آيو، جن جو وڏو انگ چمڙي جي ??خت??ف بيمارين ۾ ورتل آهي، غزه ۾ موجود غير انساني ح??لت?? سبب اتي ??خت??ف بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. انهن ح??لت?? ۾ غزه جي رهواسين کي طبي سامان، صحت جي حفاظت جي شين ۽ صاف پا??ي جي شديد ضرورت آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اتي جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته غزه ۾ سمورين مشڪلاتن باوجود پوليو ويڪسينيشن مه?? جاري آهي ۽ امدادي ڪارڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اتي هڪ سال کان 10 سالن جي عمر جي وڌ کان وڌ ٻارن جي ويڪسينيشن ڪئي وڃي.
غزه ۾ ٻارن جي اڪثريت بيماري ۽ خوف جو شڪار آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد