واشنگٽن – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول پريونشن پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چي?? آهي ته 2023ع ۾ 49 هزار 500 ماڻهن آپگها?? ڪيو، اهي شروعاتي انگ اکر آهن ۽ انهن ۾ اضافو ممڪن آهي ڇو جو وڌيڪ ڊيٽا جو تجزيو ڪيو پيو وڃي. ميڊيا اداري جي رپورٽن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته 2023ع جي حتمي رپورٽ مطابق اٽڪل 49 هزار 500 ماڻهن آپگها?? ڪيو آهي. سي ڊي ايس جي اختيارين چي?? آهي ته اهو انگ گذريل 2 سالن دوران آپگهات جي شرح جي ويجهو آهي. آپگهات جي واقعن جو مطالعو ڪندڙ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ پبلڪ هيلٿ جي پروفيسر ڪيٿرين ڪيز چي?? آهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي شروعات کانپوءِ ٻن سالن کي ڇڏي آپگهات جي شرح اٽڪل 20 سالن کان وڌي رهي آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته آپگهات ملڪ ۾ فوتگين جو 11 هون وڏو سبب آهي جيڪو ٻين عملن سبب وڌيڪ مونجهاري جو شڪ??ر ٿي سگهي ٿو، انهن عملن ۾ ڊپريشن جي اعليٰ شرح ، دماغي صحت جي خدمتن جي محدود دستيابي ۽ هٿيارن جي آساني سان دستيابي شامل آهن. رپورٽ ۾ چي?? ويو آهي ته 10 کان چوڏنهن سال ۽ 20 کان 34 سالن جي عمر جي ماڻهن جي موت جو ٻيون جڏهن ته 15 کان 19 سالن جي عمر جي ماڻهن لاءِ موت جو ٽيو?? اهم سبب آپگهات هو. ڇوڪرين ۽ عورتن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن ۽ مردن ۾ آپگهات جو انگ اڃان به وڌيڪ آهي.
آمريڪا ۾ 2023ع دوران 49 هزار 400 ماڻهن آپگهات ڪيو: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ