نيويارڪ – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اي?? ايم او جي آءِ پي) جي نئين مقرر ٿيل سربراهه ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان نيويارڪ ۾ عالمي اداري ۾ پاڪستان مشن ۾ ملاقات ڪئي. يو اي?? ايم او جي آءِ پي جي سربراهه پنهنجي نئين ذميواري سنڀالڻ لاءِ پاڪستان روانگي کان اڳ پاڪستاني نمائندي سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي گروپ جي مينڊيٽ سان گڏو گڏ ٻين لاجسٽڪ ۽ آپريشنل تفصيلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يو اي?? ايم او جي آءِ پي گڏيل قومن جي قديم ترين مشنز مان هڪ آهي جيڪو جنوري 1949ع ۾ رياست ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. راولپنڊي ۾ قائم اهو گروپ 44 فوجي مبص??ن ۽ 75 عالمي سويلين اهلڪارن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم يو اي?? ايم او جي آءِ پي جي سربراهه طور مقرري تي ميڪسيڪو سان تعلق رکندڙ ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو.
گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي نئين مقرر ٿيل سربراهه پاران پاڪستاني سفير منير اڪرم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ