اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ ڀاڙڻ جي بنياد تي ديامرڀاشا ڊيم جي فنانسنگ پ??ان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جديد ٽيڪنالاجي وارو هي منصوبو پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري وزيراعظم کي پيش ڪيو جنهن ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پر??گر??م (پي ايس ڊي پي) تحت مختص رقم ۽ واپڊا مان حاصل ٿيندڙ وسيلن مان ان منصوبي جي ڊيم جي حصي جي لاءِ سرمائي جي فراهمي تجويز ڪئي وئي آهي جڏهن ته بجلي جي پيداوار جي حصي جي لاءِ باقي سرمائي جو انتظام پاڻي ۽ بجلي واري وزارت واپڊا جي ذر??عي يا پنهنجي موجوده منصوبن جي ليزنگ جي ذر??عي واپاري بنيادن تي ڪندي، وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري، منصوبابندي واري سيڪريٽري ۽ ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته مالياتي تجويز کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ