اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنهن وزيراعظم ملڪ کي ا??نداهين مان ڪڍيو ۽ عوام کي خوشحالي ڏني ا?? کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي، پاڪستان ۾ احتساب جي رو??يت اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري وڌي آهي، اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي آئين ۽ قا??ون آڏو پيش ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح سمورن ادارن کي آئين ۽ قا??ون موجب ڪم ڪرڻو پوندو، هو ووٽر ۽ ووٽ جي تقدس کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو، سي پيڪ ڏيندڙ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪندڙ کي ملڪ مان ڀڄڻ جي ضرورت نه آهي، عمران خان ادارن جي توهين ڪري ٿو، ڀڄڻ جي کيس ضرورت آهي، اڄڪلهه هي جيڪي چيخون نڪري رهيون آهن انهن جو به بندوبست ٿيڻ وارو آهي، عمران خان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جي وچ ۾ فرق کي نه ٿو سمجهي سگهي، جنهن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو هجي ا?? کي سيڪيورٽي جي ضرورت هوندي آهي، طالبان جو حصو رهڻ ۽ انهن جي حمايت ڪندڙ کي سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي هوندي، پاڪستان جي عوام محمد نواز شريف ۽ آئين سان گڏ آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو هو ته پاڪستان ۾ احتساب جي رو??يت هو پاڻ شروع ڪندو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي عدالتن ۾ پيش ڪري ا?? رو??يت جي شروعات ڪئي.
جنهن وزيراعظم عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن