ڪراچي – 17 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته آئون ناراض بلوچ ڀائرن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ان حوالي سان قانونسازي روزگار جي فراهمي لاءِ قدم کڻي سگهجن ٿا. مزار قائد تي حاض??ي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته سينيٽ جي جوڙجڪ ۾ چئني صوبن جو ??رابر حصو آهي ۽ اسان جي شروع کان ئي اها خواهش هئي ته سينيٽ چيئرمين جو ??هدو بلوچستان کي به ملي. سينيٽ جي جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جي حوالي سان ڪردار تي ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پاران قائم ڪيل معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا