اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا، هر ڪرپٽ ??نصر جو بنا فرق جي احتساب ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو به اهو ئي موقف آهي ته سڀني جو احتساب ٿيندو ۽ اس??ن جو ووٽر به ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد الله خان سميت سندس 6 ڀائي ۽ ڪزن پي آءِ اي ۾ ڀرتي ٿيا جيڪا مڪمل طور تي سياسي ڀرتي آهي ۽ کين ترقيون به سياسي بنيادن تي ڏنيون ويون، مون ان جو ڪيس ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو آهي، مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ لنڊن، هڪ نيويارڪ ۽ هڪ پيرس ۾ اسٽيشن مينيجر آهي، ه?? چيو ته مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ آمريڪا ۾ پي آءِ اي جي فلائيٽس بند ڪرائي آيو، ه?? ان جي ڪارڪردگي آهي، ه?? چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل حڪومتن جي طرح نه هلندي ۽ هر ڪرپٽ ??نصر جو احتساب ڪندي ۽ چور کي ان جي گهر تائين پهچايو ويندو ڇو ته اس??ن انهي بنياد تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري آيا آهيون ۽ ماڻهو اس??ن مان اميد به رکن ٿا ته اس??ن چور کي بي نقاب ڪريون ۽ هر هڪ جو احتساب ڪريون.
2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو