واشنگٽن – 04 مئي (اي پي پي) آم??يڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن چيو آهي ت?? سڄي دنيا ۾ صحافي گهيراءُ ۾ آهن ۽ ان ڪڙي جا ڪيترائي انداز آهن. آم??يڪي نشرياتي اداري طرفان صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي انٽرويو دوران آم??يڪي پرڏيهي وزير صحافين جي غلط ۽ بنا جواز گرفتارين خلاف آم??يڪي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سلسلي ۾ آم??يڪا طرفان ليونسن ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي انهن ماڻهن يا اختيارين تائين پهچي سگهجي ٿو جيڪي صحافين کي يا آم??يڪي شهرين کي غلط طريقي سان حراست ۾ وٺندا آهن. ان ايڪٽ تحت انهن تي سفر جون پابنديون هڻڻ کان علاوه اثاثا به منجمند ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته آم??يڪا سڄي دنيا ۾ انهن صحافين لاءِ جدوجهد ۽ اختيارين مٿان دٻاءُ وجهيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جن کي ڌمڪين، جبر ۽ هراسمينٽ سميت ڪيسن ۽ نگراني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ٽيڪنالوجي فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن کي اهڙي ٽيڪنالوجي تائين پهچ ڏني پئي و??ي جيڪا انهن کي ان قابل بڻائي جو هو نگراني ۾ هوندي به هڪ ٻئي سان ۽ ٻاهرين دنيا سان رابطي ۾ رهي سگهن. هن چيو ته هڪ فنڊ بدناموسي جي سلسلي ۾ به قائم ڪيو ويو آهي ڇو ته دنيا ۾ هڪ کان پوءِ ٻئي ملڪ ۾ قانوني ڪارروائي ذريعي صحافين جو ڪم ۽ ميڊيا ادارن جو ڪاروبار ختم ڪيو پيو وڃي.
سڄي دنيا ۾ صحافي گهيراءُ ۾ آهن ۽ ان ڪڙي جا ڪيترائي انداز آهن؛ اينٽوني بلنڪن
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II