گ??يل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل کانپوءِ گ??يل قومن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ ميمبر رياستن تي زور ڀريندي چيو ته هو دهشتگردي، انت??اپ??ندي ۽ تشدد خلاف قدمن جو تعين ڪرڻ لاءِ سياسي سهولت جي اجازت نه ڏين. هن گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جو ڌيان ڀارت جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جي 20 اجلاس، عالمي معاملن ۾ ڀارتي قيادت جي ڪردار ۽ ڀارتي خلاباز جو چنڊ تي وڃڻ جهڙين ڪاميابين طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته جڏهن اسان هڪ م??يل طاقت بڻجڻ جي خواهش رکون ٿا ته هي پنهنجي برتري لاءِ ناهي پر وڌيڪ ذميواري کڻڻ ۽ وڌيڪ تعاون ڪرڻ لاءِ آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي لاءِ جيڪي ه??ف مقرر ڪيا آهن اهي اسان کي انهن سمورن ماڻهن کان مختلف ڪندا جن جو عروج اسان کان پهرين هو. حقيقت ۾ گ??يل قومن ۾ ڀارت جي عادت آهي ته هو سڌو سنئون پنهنجي تنقيد تي ڳالهه ناهي ڪندو، ان ڏس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته دنيا کي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته سياسي سهولت دهشتگردي، انت??اپ??ندي ۽ تشدد جي قدمن جو تعين ڪري ٿي.
سک اڳواڻ جو قتل: گڏيل قومن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو
مضمون کا ماخذ : بونانزا