گڏيل قومون- 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومون جي ٻن امدادي ادارن ٻڌايو آهي ته فلس??ين??ن لاءِ خوراڪ کڻي ويندڙ 100 ٽرڪن کي غزه ۾ داخل ٿيڻ بعد ڦريو ويو آهي. وائيس آف آمريڪا مطابق فلس??ين?? پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي سينيئر ايمرجنسي آفيسر لوئس واٽريج چيو ته يو اين آر ڊبليو اي ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام طرفان فراهم ڪي?? خوراڪ کڻي ويندڙ قافلي کي اسرائيل مختصر نوٽيس تي ڪيرم شلوم بارڊر ڪراسنگ جي اڻڄاڻ رستي کان روانو ٿيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته 16 نومبر تي قافلي جي 109 ٽرڪن مان 98 تي حملو ڪي?? ويو ۽ ڪجه ٽرانسپورٽر ان واقعي ۾ زخمي پڻ ٿيا آهن. پر هنن اها وضاحت ناهي ڏني ته اهو حملو ڪنهن ڪي??. هن خوراڪ جي بحران جي شديد صورتحال طرف اشارو ڪندي ٻڌايو ته جيڪڏهن فوري مداخلت نه ڪئي وئي ته خوراڪ جي پهريان کان وڌيڪ کوٽ ٿي سگهي ٿي. ان بحران ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، جيڪي زنده رهڻ لاءِ انساني همدردي جي امداد تي دارو مدار رکن ٿا. ورلڊ فوڊ پروگرام جي ترجمان ڦرلٽ جي تصديق ڪندي چيو ته غزه ج?? ڪيترائي رستا هن وقت سيڪيو??ٽي مسئلن سبب پهچ جوڳا ناهن.
غزه ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ 100 ٽرڪون ڦرجي ويون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ