اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چ??و آهي ته ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جمهوري عمل جي تسلسل سان ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، گئس ۽ بجلي جي کوٽ جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن اهو ئي سبب آهي جو گهٽ ٿين??ڙ اقتصادي واڌويج??ه جي شرح ۾ اضافو ٿي ره??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه آچر ڏينهن چترال گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي پهرين يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پهرين يونٽ جي افتتاح تي وزيراعظم سان گڏ چترال مان قومي اسيمبلي ميمبر شهزاده افتخارالدين، واپڊا چيئر??ين سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبي جي مجموعي پي??او??ري صلاحيت 108 مي??او??ٽ آهي ۽ 36 مي??او??ٽ جا ٽي يونٽ هنيا ويندا. پهريون يونٽ مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون يونٽ هلندڙ سال مارچ ۽ مئي 2018ع ۾ مڪمل ٿي ويندا.
ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔