اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به حڪومت اڪيلي سر ڪورونا جهڙي وڏي چئلينج جو مقابلو نه ٿي ڪري ??گه??، سرندي وارن جي عطين ۽ فلاحي تنظيمن جي ڀرپور معاونت سان حڪومت سڄي ملڪ جي سمورن طبقن تائين پهچڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ??انيه نشتر ۽ پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان پڻ موجود هئا. وفد ڪورونا ??ائ??س جي موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان پاران ڪمزور طبقي کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيو، وفد موجوده صورتحال جي ڏس ۾ تعميرات ۽ ٻين مختلف صنعتي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ جي حڪومتي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته ان سان ڪاروباري طبقي جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ