س??هي??ال – 29 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري وٺن اين آر او نه ملندو، چ??هي??ن ٿا ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئسا ڏنا هئا. س??هي??ال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو نمائندو ڪروڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو ته اهو عوام جي نمائندگي ڇا ڪندو، ان لاءِ اسان آئيني ترميمون چ??هي??ن ٿا ته جيئن بيلٽ اوپن ٿئي. اسان گذريل چونڊن ۾ پئسا وٺندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وز??راعظم چيو ته هينئر به سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون ايوان آهي جنهن جو تمام گهڻو تقدس آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسان پوءِ به سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ جي لاءِ بل پيش ڪنداسين.
فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج