اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو (سي پيڪ) پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ توانائي ۽ مواصلات جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويو، هاڻي صنعت کي فروغ ڏنو پيو وڃي ۽ زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پئي وڃي، مٽياري کان لاهور ٽرانسميشن منصوبي سان لائن لاسز کي چار سي??ڙو تائين گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪا پهرين 17 سي??ڙو جي ويجهو هئي. هڪ سي??ڙو لائين لاسز جو مطلب اربين روپين جو نقصان آهي جيڪو بجلي جي صارفين کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي، سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ وڏو اهم منصوبو آهي، ان تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
وزيرا??ظم عمران خان مٽياري کان لاهور 660 ڪي وي ٽرانسميشن لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته 886 ڪلوميٽري ڊگهي منصوبي جي سڀ کان وڏي خوبي ان جي جدت آهي ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبي سان بجلي جي ٽرانسميشن جا لائن لاسز 4 سي??ڙو جي ويجهو آهن جڏهن ته ان کان اڳ ملڪ ۾ لائن لاسز جي شرح 17 سي??ڙو آهي، هن چيو ته هڪ سي??ڙو لائن لاسز جو مطلب اربين روپين جو نقصان آهي ۽ لائن لاسز وڌڻ سان سڌو سنئون عوام متاثر ٿيندي آهي ڇو ته اهو لائن لاسز عوام کي برداشت ڪرڻا پوندا آهن.
وزيرا??ظم چيو ته منصوبي سان بجلي جي پهچ ج?? نقصان گهٽ ٿيندا ۽ اهو منصوبو تمام جلد پنهنجي قيمت پوري ڪري وٺندو، وزيرا??ظم عمران خان چيو ته سي پيڪ چين جي صدر جو هڪ فليگ شپ پروگرام آهي جنهن تي پاڪستان ۾ تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪورونا ??با جي ڪري ڪجهه مسئلا درپيش هئا پر هاڻي سي پيڪ منص??با تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيرا??ظم چيو ته سي پيڪ تحت پهرين بجلي جي پيداوار، پوءِ رستن جي تعمير ۽ هاڻي بجلي جي ٽرانسميشن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته لائن لاسز جي ڪري بجلي موجود هجڻ جي باوجود صارفين تائين سپلائي ۾ مشڪل آهي جيڪو تڪليف جو سبب آهي جنهن جو سبب ٽرانسميشن جا مسئلا آهن. وزيرا??ظم چيو ته مٽياري کان لاهور 4 هزار ميگاواٽ بجلي جي پهچ جو اهو منصوبو لائن لاسز ۾ گهٽتائي جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندو،
هن چيو ته سي پيڪ پاور جنريشن ۽ رستن جي تعمير کانپوءِ هاڻي ٽرانسميشن جي مرحلي تائين پهچي چڪو آهي جنهن کانپوءِ صنعتڪاري تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن قومي دولت ۾ اضافي سان ملڪي قرض واپس ڪري سگهجن. هن چيو ته صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پنهنجي آمدني وڌائي ملڪ جا قرض گهٽ ڪنداسين.
وزيرا??ظم عمران خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سي پيڪ منصوبن جي رفتار هاڻي وڌيڪ تيز ٿيندي، ڪورونا وائرس جي ??با سان جيڪي مسئلا درپيش هئا سان جي لاءِ امتحان هئا، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ??با جي ڪري عالمي سطح تي سپلائي چين جو نظام متاثر ٿيڻ جي نتيجي ۾ غذائي مصنوعات جون قيمتون وڌيون آهن جي عارضي آهن. وزيرا??ظم چيو ته ويڪسين جي ذريعي ڪورونا وائرس جي ??با تي ضابطو آندو پيو وڃي جنهن سان ان جو خوف به گهٽ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سي پيڪ جي منصوبن تي ڪم تيزي ٿيندو ۽ مهانگائي جا عارضي مسئلا به ختم ٿيندا.