اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ڇنڇر ڏي??هن ٻن ڏي??هن جي دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران صدر متحده عرب امارات جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ۽ دب??ي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي قيام دوران صدر عارف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپنين جي س??نئ?? اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن سان به ملاقات ۽ متحده عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهو دورو پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان ٿي رهيو آهي. دب??ي ايڪسپو 2020ع خطي جي سڀ کان وڏي ۽ قسمين قسمين جي نمائش آهي ج??هن ۾ 192 ملڪن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ادارا شرڪت ڪري رهيا آهن. ايڪسپو پهرين آڪٽوبر تي ??روع ٿي ۽ 31 مارچ 2022ع تائين جاري رهندي، ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين ايڪسپو سائٽ جي اهم ترين علائقن ۾ واقع آهي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جو سڀ کان وڏو پويلين سمجهيو ويندو آهي، پ??ڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين جي مستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. متحده عرب امارات تعليم، صحت، توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي اهم ترقياتي ??صيدارن ۾ شامل آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇنڇر تي ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو