ميرپورخاص – 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سي پي ايل سي جهڙا ادارا پوليس ۽ شهرين جي وچ ۾ بهتر رابطن جي ل??ءِ موثر ڪردار ادا ڪن ٿا، سي پي ايل سي ۾ ڪيترائي گروپس رضاڪاڻي طور تي خدمتون ڏيندا رهيا آهن، هي اهو ادارو آهي جيڪو ڏوهن ۽ ڀ??گ لاءِ اغوا جي خاتمي ل??ءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، منشيات جي ل??نت اسان جي معاشري ۾ خطرناڪ حد تائين پکڙجي وئي آهي، جنهن کي روڪڻ جي ل??ءِ به قدم کڻن جي ضرورت آهي. ميرپورخاص ۾ سي پي ايل سي جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه منشيات اسان جي معاشري کي نقصان پهچائي رهي آهي، ٻار نشي جا عادي ٿي وڃن ٿا، معاشري کي اڳ ۾ خبر پئجي وڃي ٿي، گهر وارن کي بعد ۾ خبر پوي ٿي. صدر چيو ته توهان کي ان جي روڪٿام لاء?? ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن ان برائي کي پکڙجڻ کان روڪي نوجوانن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ جي گورنر کي چوندس ته سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ادارا ٺاهيا وڃن. هن چيو ??ه ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي ل??ء?? ڪوششون ڪيون وينديون. صدر چيو ??ه مصنوعي ذهانت جي ذريعي لکين ماڻهن مان گهربل شخص جي ڳولا هڪ آسان عمل آهي، اهڙي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان تحقيق جو عمل وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عمران اسماعيل چيو ته سي پي ايل سي شاندار ادارو آهي، جتي عام ماڻهو به پوليس تائين موثر پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته نوجوانن کي به ه?? اداري ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئ?? ادارو وڌيڪ اڳتي وڌي سگهي. اسان جي ڪوشش آهي ته پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ عورتن کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. جيستائين مقامي ڪميونٽي کي شامل نه ڪيو وڃي مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن. تقريب ۾ سي پي ايل سي چيف محمد زبير حبيب پڻ اداري جي اهميت ۽ فائدي تي روشني وڌي.
سي پي ايل سي جهڙا ادارا پوليس ۽ شهرين جي وچ ۾ بهتر رابطن جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن ٿا: صدر
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی