اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پر??يهي وزير ۽ او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا، اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو پاڪستان جو ٿورائتو آهي جنهن او آءِ سي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت تي ??اندار آجيان ڪئي. هن پاڪستان جي 75 هين پاڪستان جي ڏهاڙي ۽ قوم ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان جي خوشحالي ۽ وڌيڪ ڪاميابين جي دعا ڪئي. هن چيو ته جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ??له??ئڻ جي قرارداد جي منظوري مسلمان امت جي ڪاميابي آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان پاران قرارداد پيش ڪرڻ ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڪردار تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مددگار ٿيندو، سعودي عرب فلسطين مسئلي تي فلسطينين جي حمايت جاري رکندو، اسان عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ اتان جي عوام جو حق آهي. هن چيو ته يمن ۾ حوثي مليشيا کي هٿيارن جي فراهمي بند ٿيڻ گهرجي. يمن جي عوام کي انساني بنيادن تي ??مداد فراهم ڪري هيا آهيون. هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ انساني بنيادن تي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ هڪ خوش آئنده قدم آهي. ان فنڊ ذريعي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪري سگهبي.
عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار