اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ??يپس بورڊ ??ف گورنر جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ اداري جو ??هريون دورو هو. ان موقعي تي پيپس جي ايگزيڪيوٽو محمد انور اسپيڪر کي ادارو قائم ڪرڻ جي ??قصدن ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. اسپيڪر پيپس ۾ جديد پارلياماني علم جا ڪورسز متعارف ڪرائڻ کانسواءِ اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوام جي بهترين مفاد ۾ قانونسازي جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي ??اءِ نوجوان پارليامينٽرينز تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته پيپس کي پنهنجو ??اڻ کي قانونسازي ۽ قانون نويسي جي شعبن ۾ هڪ جديد درسگاهه طور متعارف ڪرائڻ گهرجي. اسپيڪر پيپس جي ??ختلف آفيسن جو ??ڻ دورو ڪيو ۽ پيپس جي اسٽيٽ آف دي آرٽ بلڊنگ کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به هي ادارو پنهنجا هدف مڪمل ڪرڻ جي ??اءِ ڪوششون جاري رکندو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پيپس جو دورو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج