اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي مهم هلائڻ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن خاص طور اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ملڪ جي حساس ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي چيف سيڪريٽريز، متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جي خاتمي واري مهم کي سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي هلائين ته جيئن ملڪ مان ان ناسور کي سدائين لاءِ ختم ڪري سگهجي. هن ان سلسلي ۾ ڏکڻ خيبرپختونخوا جي ضلعن خاص طور تي اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم انهن ٻارن جي ويڪسينيشن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئ?? جنهن کي ڪنهن سبب جي ڪري اڄ تائين ويڪسين نه لڳائي سگهي، هن عوام کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائن جي به هدايت ڪئي ته جيئن پوليو جي ڦهلاءُ کي سختي سان روڪي سگهجي. وز??را??ظم پوليو جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنرز کي پاڪستان جي قومي ڏينهن تي قومي هيروز طور پذ??را??ي ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ جي حساس ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات