اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پر??يه?? وزارت جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن جي خلاف جمعي ??ي پر??يه?? آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ري??ي ۾ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، پر??يه?? سيڪريٽري سهيل محمود، حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ري??ي ۾ شرڪت ٿيا. ان کان اڳ واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل جمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ پر??يه?? آفيس ۾ گڏ ٿيا. جنهن کانپوءِ پر??يه?? آفيس ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان زاهد زمان جي ملي نغمي کي جاري ڪيو ويو. ملي نغمو ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ۽ ڀارتي خوني چنبي کان آزادي جي جدوجهد مسلسل جاري رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪشمير جي حوالي سان اهو ملي نغمو زاهد زمان خصوصي طور تي تيار ڪيو آهي. ري??ي ۾ شريڪ ٿيندڙن پر??يه?? آفيس کان شاهراهه دستور کان ٿيندا پارليامينٽ هائوس پهتا. والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪشمير استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. پر??يه?? وزارت مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ اسلام آباد ءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي.
پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن خلاف جمعي تي پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز