دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي اجاگر ڪندي قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ قدم وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خطي جو اولين وا??ار??، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دوحه ۾ ”پاڪستان قطر واپا?? ۽ ??يڙپڪاري گول ميز 2022ع“ جي موقعي تي ناليوارن قطري ۽ پاڪستاني وا??ار?? اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. قطر فنانشل سينٽر، پاڪستان بزنس ڪائونسل قط?? ۽ ??وحه ۾ پاڪستاني سفارتخاني گڏيل طور تي گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو. قطر جي ناڻي واري وزير علي بن احمد انڪواري، قطر جي واپا?? ۽ ??نعت واري انڊر سيڪريٽري سلطان بن راشد ۽ قطر فنانشل ڪنٽر جي سي اي او يوسف الخطر جيدا پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قطر جي ناليوارن ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽويز سان گڏوگڏ قطر ۾ رهندڙ پاڪستانيوا??ار?? برادري جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خصوصي نوعيت تي روشني وڌي. هن قطر کي هڪ اعتماد جوڳو ??ار??نر قرار ڏنو جنهن جي حمايت کي سچي دل سان ساراهيو ويو. هن سڄي دنيا ۾ شديد مهانگائي جي رجحانن ۽ معاشي ٻاڙائي جي دور ۾ پاڪستان جي سپورٽ تي قطر کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت هڪ اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو جڏهن پاڪستان کي وڏي معاسي، وا??ار?? خساري ۽ وسيلن تي وڏي دٻاءُ جهڙا چئلينجز درپيش هئا. هن وڌيڪ چيو ته ٻارڻ سميت درآمدات کي گهٽ ڪرڻ جو واحد رستو صنعتي پيداوار ۾ اضافو ۽ قابل تجديد توانائي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ جي روانگي واپار کي وڌائڻ آهي. ملڪ جي هائيڊرو پاور جي وڏي صلاحيت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان خاص طور تي قطري سيڙپڪارن کي فو??ي منافعي جي لاءِ پن بجلي جي پيداوار ۾ سيڙپڪا??ي مان فائدو کڻڻ جي لاءِ غيرملڪي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي. افغانستان ۾ ثالثي جي ڪردار تي قطر کي ساراهيندي هن چيو ته قطر نه رڳو افغانستان پر خطي ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي واپا?? ۽ ??يڙپڪاري جي شعبي ۾ پنهنجي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروبا?? ۽ ??يڙپڪاري جي لاءِ دوستاڻو ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي تمام گهڻي قدرتي ۽ انساني وسيلن سان نوازيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خطي جو اولين وا??ار??، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻجڻ جي قابل بڻايو آهي. وزيراعظم چيو ته ان منفرد فائدي پاڪستان کي موقعن سان ڀرپور مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وچولي طبقي سان گڏ هڪ وڏي صارف منڊي هجڻ جي ڪري پاڪستان غذائي تحفظ، توانائي سميت قابل تجديد ذريعن، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشش ڪاروبا??ي موقعا فراهم ڪيا آهن. وزيراعظم قطري سيرپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي قدرم وڌائڻ جي لاءِ حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن پاڪستاني ۽ قطري وا??ار??ن سان گڏ گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ قطر ۾ پاڪستان جي سفير پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جو دورو ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ خاطرخواهه اضافي جو سبب بڻجندو. گول ميز دوران هڪ معزز پينل ٻطرفي وا??ار?? ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پينل ??سڪشن ۾ بنيادي طور تي تعاون جي نئين شعبن کي ڳولڻ تي ڌيان ڏنو ويو ته جيئن ڪاروبا??ي مضبوط رابطا قائم ٿين، پينلسٽ ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر، ڪيو ايف سٽ جو چيف بز??س آفيسر الانود بن حمد الثاني، اعزازي سيڙپڪاري ڪائونسلر محسن مجتبيٰ ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل جو صدر ڊاڪٽر جاويد اقبال شامل هئا.
وزيراعظم پاران قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ قدم وڌائڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري، پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خطي جو اولين واپاري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻائي ڇڏيو آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2