اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ض??ور?? آهي، پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن جي تاريخي نوعيت آهي، افغانستان جي لاءِ ڪئناڊا جي انساني بنيادن تي مدد خوش آئنده آهي. پ??ڏي??ي آفيس موجب پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري اها ڳ??لهه ڪئناڊا جي پ??ڏي??ي وزير ميلاني جولي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. ڪئناڊا جي پ??ڏي??ي وزير پاڪستان جي پ??ڏي??ي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پ??ڏي??ي وزير پاڪستان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪئناڊا جي پ??ڏي??ي وزير ميلاني جولي عالمي ۽ علائقائي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پ??ڏي??ي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج