اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گذريل ڏي??هن ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ٿيندڙ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي تي تع??يت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي ڪار??وا??ي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏ??ل خطرو آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ??ل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وز??ر علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی