اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علم ۽ جديد مهارتن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ اخلاقي قدرن ۽ همدرديءَ جي جذبن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وق?? سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پو??دا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس وغيره جهڙن شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو و??ي. هن ??اگردن تي زور ڏنو ته اهي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ديانتداري، اخلاقيات ۽ قدر اختيار ڪندي پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور طبقن جي خدمت ۽ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪن. صدر چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ مالي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وق?? سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پو??دا. جڏهن ??ه ملڪ کي تيز رفتار ترقي جي رستي تي وجهڻ جي لاءِ ديانتدار قيادت لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرائمري سطح تي داخلائن جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ??ه خطي جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان و??يڪ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان و??يڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.
پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار