اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽي وي ڏسان ٿو ته مون کي دوستن جي سخت ڳالهه ٻولهه ٻڌي مايوسي ٿئي ٿي جيڪي هڪ ٻئي جي اندر رڳو عيب ۽ گندگي ڳولين ٿا، جهڙوڪ ٻين تي گند اڇلڻ ئي ڇوٽڪاري جو مختصر ترين رستو ??هي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته ان صورتحال ۾ مون کي شمس تبريز جي ياد اچي ٿي جنهن چيو: ”اصل گندگي اندر جي گندگي آهي. سطحي آلودگي آساني سان ڌوپجي وڃي ٿي. پر جنهن کي شفاف پاڻي سان به صاف نه ٿو ڪري سگهجي اهي آهن نفرت ۽ تعصب جيڪي روح کي گهٽيا بڻا??ين ٿا. اس??ن پنهنجي جسم کي پرهيزگاري ۽ روزي س??ن پاڪ ته ڪري سگهون ٿا، پر رڳو محبت ۽ درگذ?? ئي اسان جي دلين کي پاڪ ڪري سگهن ٿا.“ صدر عارف علوي چيو ته الله کان دعا آهي ته هو اسان جي ان ڪم ۾ مدد ڪري.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ