اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ناڻي وف??قي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي آهي ته بجيٽ ۾ مهمند ڊيم لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا ۽ داسو ڊيم لاءِ 58 ارب رپيا فراهم ڪيا ??ين??ا. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال مهمند ڊيم جي تڪميل لاءِ 12 ارب رپيا فراهم ڪيا. ايندڙ مالي سال ۾ به ان منصوبي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپين جي رقم رکي پئي وڃي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح 2160 ميگاواٽ گنجائش رکندڙ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ ترجيحي بنيادن تي تقريبن 59 ارب رپين جي فراهمي يقيني بڻائي ??ين??ي. ناڻي واري وزير چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ 20 ارب رپيا فراهم ڪيا ??ين??ا. ٻين اهم منصوبن ۾ 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 4 ارب 80 ڪروڙ رپيا، تربيلا هائيڊرو پاور جي گنجائ?? ۾ ??اڌ لاءِ 4 ارب 45 ڪروڙ رپيا ۽ وارسڪ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن جي بحاليءَ لاءِ 2 ارب 60 ڪروڙ رپين جي رقم فراهم ڪئي ??ين??ي. هن چيو ته ??نه?? منصوبن سان زرعي شعبي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۽ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.
بجيٽ ۾ مهمند ڊيم لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا ۽ داسو ڊيم لاءِ 58 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا