اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي انشورنس کان پهرين ميڊيڪل ٽيسٽن جي باري ۾ پاليسي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??ان جاري پريس رليز موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته اسٽيٽ لائيف ڊاڪٽرن جو پنيل جوڙي جيڪو تجويز ڪري ته پاڪستان ۾ عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ پاليسي جاري ڪرڻ کان پهرين ڪهڙيون ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن. صدر اهي حڪم انشورنس ڪ??پن??ن ۽ شهرين طرفان داخل ڪيترين ئي اپيلن جي ڏس ۾ جاري ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس ڪ??پن??و?? ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪري رهيون آهن، انشورنس ڪ??پن??ون انشورنس کان اڳ بيماري لڪائڻ جي الزام تي انشورنس جي رق?? ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون هيون. پاليسي هولڊرز کي مجاز ميڊيڪل آفيسرز ۽ انشورنس ڪ??پن??ن جي فيلڊ آفيسرز طرفان طبي طور تي فٽ قرار ڏيڻ جي باوجود ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪيو پئي ويو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ??ون 2 ڌار ڌار اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر اسٽيٽ لائيف کي ٻن پاليسي هولڊرزن جي خاندانن جي ماڻهن کي 36 لک کان وڌيڪ رق?? ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تفيصل موجب محمد يوسف ۽ عابده بي بي اسٽيٽ لائيف کان ترتيبوار 34 لک ۽ 2 لک روپين جي لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون، پاليسي هولڊرز جي وفات کانپوءِ پوئينرن انشورنس ڪليمز جي ادائيگي لاءِ اسٽيٽ لائيف سان رابطو ڪيو پر انشورنس کان اڳ بيماريون لڪائڻ جو بهانو بڻائي ڪليمز جي رق?? ادائيگي کان انڪار ڪيو ويو، اسٽيٽ لائيف کين ان بنياد تي لاڳاپيل رق?? ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هو هيپاٽائيٽس سي، گردي جي دائيمي بيماري، دل جي بيماري ۽ هائي بلڊ پريشر جا مريض آهن، پاليسي هولڊرز انشورنس کان پهرين انهن بيمارين جي هجڻ جو ذڪر ناهي ڪيو، خاندان جي ماڻهن ڌار سان وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ انهن جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا ويا، ان کانپوءِ اسٽيٽ لائيف صدر مملڪت کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي پاليسي هولڊرز کي لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرز ۽ فيلڊ آفيسرز طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو هو، ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي بيمارين جي موجودگي جو آساني سان پتو لڳائي سگهيو پئي، صدر چيو ته ميڊيڪل آفيسرن ??ون خدمتون پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ پاليسي هولڊرز جي طبي معائني لاءِ حاصل ڪيون ويون هيون. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ادائيگين کان انڪار نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ان وٽ مجاز ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي مبينه بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا موجود هئا. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ناقص بنيادن تي انشورنس ڪليمز کي رد ڪري بدانتظامي جو ارتڪاب ڪيو آهي، اسٽيٽ لائيف انشورنس کان پهرين بيمارين جي موجودگي ثابت ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي، صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف لاڳاپيل خاندان جي ماڻهن کي 3.68 ملين روپيا ادا ڪري ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي کي بهتر بڻائي. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ذيابيطس ۽ هائپرٽينشن وغيره جهڙين مختلف بيمارين جي باري ۾ انشورنس پاليسي ۽ پريميم جي حوالي سان طبي مرضن جي خدشن جي بنياد تي ترميم ڪري مستقبل ۾ اهڙي قانوني ڪارروائي کان بچي سگهي ٿي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن کي انشورنس کان پهرين ميڊيڪل ٽيسٽن جي باري ۾ پاليسي بهتر بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ