اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم ??ورنگزيب چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي حوالي سان ذميواراڻو فيصلو ڪندي آءِ ايم ??يف سان معاهدي کي نڀايو، گذريل حڪومت وانگر واعده خلافي نه ڪئي، حڪومت جو مدو ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي رهيو آهي، اسان سياسي فائدي بدران ملڪي معاشي استحڪام کي ترجيح ڏني ان جي ابتڙ عمران خان کي جڏهن يقين هو ته سندس حڪومت ختم ٿي رهي آهي ته هن سياسي فائدي جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي سبسڊي ڏئي آءِ ايم ??يف معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميديا اينڊ پبليڪيشنز ۾ فارن ميڊيا ڊيجيٽل مانيٽرنگ وال جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته 15 مهينا اڳ اطلاعات واري و??ارت ۾ آءِ ٽي ٽرانسفارميشن جي شروعات ڪئي و??ي، پي ٽي وي جي اندر آءِ ٽي اپ گريڊيشن، ورچوئل اسٽوڊيوز، پي ٽي وي فلڪس ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ريديو پاڪستان جو پورو آرڪائيو ڊيجيٽلائيز ٿي چڪو آهي جڏهن ته ريڊيو پاڪستان ۾ 4 ارب رپين جو پراجيڪٽ شروع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڊيجيٽل ريڊيو منڊيال ٽيڪنالاجي جي ذريعي ريڊيو جي نشريات شارٽ ويو ۽ اينالاگ کان ميڊيم ويو تي منتقل ٿي ويندي. ان جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري ريڊيو پاڪستان جي نشريات 52 ملڪن ۾ ٻڌي ويندي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اڳوڻي دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو کي نيلام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون رهيون، ان??ن جو ڪو بزنس پلان ڪامياب نه ٿي رهيو هو، موجدوه حڪومت 15 مهينن جي اندر سستي شهرت حاصل ڪرڻ جا نعرا نه هنيا پر موجوده ادارن جي ڪارڪردگي کي موثر بڻايو آهي. هن چيو ته مالي سال 23 – 2022ع ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪرڻ جي شروعات ٿي هئي، اڄ ان جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، فارن ميڊيا ڊيجيٽل مانيٽرنگ وال تان عالمي حالات حاضره کان آگاهي حاصل ٿيندي جڏهن ته 90 مقامي ۽ 35 عالمي ميڊيا چينلز، 15 روزاني اخبارن، 500 کان وڌيڪ ٽوئيٽر هينڊلز، 500 کان وڌيڪ فيس بڪ پيجز، 200 کان وڌيڪ يو ٽيوب چينلز ۽ 200 کان وڌيڪ انسٽاگرام ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي مانيٽرنگ ٿي سگهندي. ان کانسواءِ سمورين خبرن ۽ ادارن جي مانيٽرنگ پڻ ڪري سگهبي. هن چيو ته هي پهريون مانيٽرنگ سسٽم آهي جيڪو آرٽيفيشل ان??يلي جنس تي ٻڌل آهي جنهن کي مشين لرننگ ۽ زبان جي سڃاڻپ جي ٽيڪنالاجي سان هنيو ويو آهي. وفاقي و??ير چيو ته جيڪڏهن ميڊيا چينلز ان نظام کي استعمال ڪرڻ چاهين ته اسان ان??ن جي ضرورتن کي ڏسندي پارٽنرشپ پڻ ڪري سگهون ٿا، ان کانسواءِ ريسرچ تي ڪم ڪندڙ شاگردن کي پڻ ان نظام تائين پهچ ڏئي سگهجي ٿي. منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ تي اطلاعات واري و??ارت جي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪندي وفاقي و??ير چيو ته هي هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو مشين لرننگ، ريئل ٽائيم ان??ارميشن، آرٽيفيشل ان??يلي جنس ۽ ڊيٽا ريسرچ تي ٻڌل آهي، ان ۾ سموري ريئل ٽائيم ان??ارميشن ۽ ڪسٽمائيزڊ زبان جي سڃاڻپ جو نظام موجود آهي. مريم ??ورنگزيب چيو ته اهو مانيٽرنگ سسٽم 35 کان وڌيڪ ان??رنيشنل ميڊيا چينلز ۽ سوشل ميڊيا اسپيس جي مانيٽرنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وفاقي و??ير چيو ته موجوده اتحادي حڪومت 15 مهينن جي اندر معيشت سميت ملڪ جي سمورن شعبن کي مستحڪم ڪيو، 5 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي، اسان پاڪستان ري بلڊنگ جي اسٽيج تي ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اسان 15 مهينن جي مختصر مدي ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا، اسان سياست بدران ملڪي معيشت کي ترجيح ڏني. 15 مهينا اڳ جڏهن اسان اقتدار ۾ آيا هئاسين ته ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو هو، مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين سياست بدران ملڪ کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته اتحادي حڪومت ۾ ذميوار پارٽيون موجود آهن ۽ ان??ن جي ترجيح ملڪي مفاد آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته عمران خان کي جڏهن خبر پئي ته بي اعتمادي رٿ جي ذريعي سندس حڪومت وڃڻ واري آهي ته هن آءِ ايم ??يف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پيٽرول تي سبسڊي ڏئي پنهنجي صحيح ڪيل آءِ ايم ??يف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته اسان ملڪي ساک کي بچائڻ جي لاءِ آءِ ايم ??يف پروگرام جي بحالي جي لاءِ ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي. هن چيو ته اسان معيشت جي اندر عمران خان جي وڇايل بارودي سرنگهن جو خاتمو ڪن??اس??ن. اسان ملڪ کي ترقي جي رستي تي کڻي وين??اس??ن. وفاقي و??ير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي اضافي جا ڪيترائي سبب آهن جن مان هڪ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ اضافو به آهي جڏهن ته اسان آءِ ايم ??يف سان اسٽينڊ بائي ارينجمنٽ ايگريمنٽ ۾ پڻ آهيون. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اسان جي حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ اسان جي لاءِ تمام آسان هو ته اسان پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪري ڇڏيون پر اسان آءِ ايم ??يف پروگرام جي خلاف ورزي نه ڪئي، اسان معاهدي کي نڀايو آهي. وفاقي و??ير چيو ته 2018ع ۾ جڏهن اسان اقتدار ڇڏي وياسين ته ان وقت ملڪ ۾ 3.4 سيڪڙو تاريخ جي گهٽ ترين مهانگائي هئي، ملڪ 6.1 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو هو، سي پيڪ جا منصوبا هلي رهيا هئا، 14 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي و??ي هئي. هن چيو ته اسان جيڪي منصوبا جنهن جڳهه تي ڇڏيا ويا هئا اتان ئي ان??ن جي ٻيهر شروعات ڪئي. هن وقت اقتصادي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، اهو ئي معيشت کي ٺيڪ ڪرن جو رستو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي قدمن سان اڄ ملڪ جي هر شعبي ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي، اتحادي حڪومت جي 15 مهينن جي ڪارڪردگي ان??ن جي چار سالن جي ڪارڪردگي کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي. وفاقي و??ير چيو ته چين جي نائب وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو موجوده حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته عمران خان ته پنهنجي دور ۾ پاڙيسري ملڪن کي ناراض ڪيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته نگران سيٽ اپ جي حوالي سان وزيراعظم اعلان ڪري چڪو آهي ته اهو فيصلو اتحادي پارٽين جي مشاورت سان ٿيندو. هن چيو ته جن وٽ جواب ناهي هوندو اهي دٻي، بالٽي ۽ ڪنستر وجهي عدالتن ۾ وڃن ٿا. هن چيو ته عمران خان کان سوال پڇڻ گهرجي ته ڇو ملڪ کي ڏيوالپڻي طرف وٺي ويو، ڇو لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڇو آندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا به سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ٻوڏ دوران وفاق هر صوبي جي ڀرپور مدد ڪئي، اتحادي حڪومت ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا. هن چيو ته گذريل 15 مهينن ۾ معاشي بحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي و??ي، عوام جي ووٽ جي اعتماد سان ان??ي سفر جي ٻيهر شروعات ڪن??اس??ن، هي مشڪل وقت به گذري ويندو، وزيراعظم ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته 63 سيڪڙو آبادي جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو، 2 ڪروڙ 10 لک خاندانن جي لاءِ بجلي مهانگي ناهي ڪئي و??ي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جيڪي و??عدا عوام سان ڪيا، ان??ن کي پورو ڪري ڏيکاريو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي و??ير ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز ۾ فارن ميڊيا ڊيجيٽل مانيٽرنگ وال جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ وزارت جا ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.
حڪومت جو مدو ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي رهيو آهي، اسان سياسي فائدي بدران ملڪي معاشي استحڪام کي ترجيح ڏني: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná