اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪست??ن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نه رڳو نگران حڪومت پر ايندڙ چونڊيل حڪومت به سهولت فراهم ڪندي، سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪست??ن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري منصوبن کي فوري ۽ بنا رڪاوٽ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بنائيندي، پاڪست??ن ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي کاڻين جي کوٽائي، صنعت ۽ معدنيات واري نائب وزير خا??د بن صالح المدفر سان سعودي وفد سان گڏ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود، خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاون تسنيم احمد قريشي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اچڻ تي توهان جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان سعودي عرب پاران هر مشڪل وقت ۾ مدد تي سعودي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان توهان جو ٻيو گهر آهي. هن چيو ته پاڪستان ?? سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا خصوصي اهميت رکن ٿا، پوري پاڪستاني قومي سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد تي انهن جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪست??ن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نه رڳو نگران حڪومت پر ايندڙ چونڊيل حڪومت به سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ ??صوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪست??ن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري منصوبن کي فوري ۽ بنا رڪاوٽ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته پاڪست??ن ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، حڪومت جو 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو به ٻاهرئين سيڙپڪارن جي لاءِ ??هترين موقعو آهي. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته پاڪست??ن ۾ سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام پاڪست??ن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت ۽ اهم پيغام آهي، سعودي عرب پاڪستان جي معدنيات جي شعبي ۾ موجود وسيع موقعن ۾ سيڙپڪاري جي گهري دلچسپي رکي ٿو. ملاقات ۾ خا??د بن صالح المدفر وزيراعظم جي پاڪست??ن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي لاءِ ??هولت جي قدمن ۽ ايس آئي ايف سي جي قيام تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايس آئي ايف سي جو قيام حڪومت جي پاڪست??ن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ هڪ سنجيده قدم آهي جيڪو پاڪستان جي معيشت جي ترقي جو سبب بڻجندو. هن چيو ته پاڪستان انهن جو ٻيو گهر آهي ?? سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجو تعاون جاري رکندو. سعودي وفد ۾ سعودي عرب جو پاڪست??ن ۾ سفير نواف بن سعيد المالڪي، عبدالله موفترالشمراني چيئرمين سعودي جيولاجيڪل سروي، عبدالرحمان خا??د کاڻين جي کوٽائي جي صنعت وارو نائب وزير ۽ اعليٰ سعودي عملدار شامل هئا.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نه رڳو نگران حڪومت پر ايندڙ چونڊيل حڪومت به سهولت فراهم ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی