اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انقلابي قدم تحت حڪومت بجلي جي پيداوار جي لاءِ شمسي توانائي جي انقلابي م??صوبن جي شروعات ڪئي آهي جنهن تحت گذريل ڏينهن هڪ لک ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي م??تقل ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن سان آبادگارن کي سستي بجلي م??ندي. وزيراعظم چيو ته ان قدم سان زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ خوراڪ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرائپ حاصل ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت هائي پاو?? ٽيرف سان ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي م??انگي ٻارڻ تي هلندڙ پاور پلانٽس کي تبديل ڪرڻو پوندو، مهانگي ٻارڻ سان هلندڙ پاور پلانٽس عوام تي بار ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جو سبب آهن. وزيراعظم چيو ته ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن منصوبي تي 377 ارب رپيا خرچ ٿيندا. هن چيو ته سولر، نيوڪليئر ۽ ڪول پاور منصوبن کانسواءِ مخلوط حڪومت هائيڊرو پاور منصوبن جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو آهي، اسان ڀائر ملڪ سعودي عرب کي ديامير ڀاشا ڊيم ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي.
مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انقلابي قدم تحت حڪومت بجلي جي پيداوار جي لاءِ شمسي توانائي جي انقلابي منصوبن جي شروعات ڪئي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی