رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزا??ت چيو آهي ته هن سال حج ل??ءِ اندرون ملڪ ۽ پرڏيهه مان ايندڙ حج جا خواهشمند ويڪسينيشن جو ڪورس مڪمل ڪرائين .اردو نيوز موجب وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج جي خواهشمندن لاءِ ضروري آهي ته صحت ??يپ تي ويڪسينيشن سرٽيفيڪٽ کي اپ ڊيٽ رکن جنهن ۾ ڪووڊ – 19 ايڊوانس جو هڪ ڊوز جڏهن ته انفلوئنزا ويڪسين ۽ گذريل 5 سالن دوران لڳل گردن ٽوڙ بخار جي ويڪسين جو اپ ڊيٽ ٿيل سرٽيفيڪيٽ هجڻ ضروري آهي. وزارت پرڏيهي مملڪت مان آيل حج جي خواهشمندن کي به هدايت ڪئي ته هو ويڪسينيش سرٽيفيڪيٽ جو خيال رکن ۽ حج درخواست سان گڏ جمع ڪرائين. صحت واري وزارت پنهنجي ويب سائيٽ تي معلوماتي لنڪ به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ اردو، انگلش ۽ ٻين ٻولين ۾ ضروري ويڪسينيشن جا سمورا تفصيل ۽ صحت ??ي معاملن جي حوالي سان ٻيون هدايتون وض??حت ??ان بيان ڪيون ويون آهن .
حج جا خواهشمند ويڪسينيشن ڪورس مڪمل ڪرائين: سعودي عرب جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ