تهران -21 آڪٽوبر (ايپي يپ ) ايران ان ڳالهه جو ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هو پنهنجي ايٽمي ٺڪاڻن تي ڪنه?? به اسرائيلي حملي جو سخت جواب ڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسرائيل جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ته جوابي ڪارروائي لاءِ اسا?? به دشمن جي علائقن جي نشاندهي ڪري ويٺا آهيون. سندس چوڻ آهي ته ايران تي ڪنه?? به قسم جي حملي جو مطلب انتهائي حد پار ڪرڻ آهي. حملو ٿيو ته اسان خاموش نه رهنداسين اسرائيل کي تباهه ڪندڙ جواب ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ اسرائيل ۾ اقتصادي يا شهري ٺڪاڻن تي حملو ناهي ڪيو پر رڳو فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. هن چيو ته جنگ جي صورت ۾ آمريڪا به ل??يٽ ۾ ايندو اسان اهو نٿا چاهيون پر آمريڪا کي پاڻ کي جنگ کان پري رکڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : bolão quina