اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دنيا کي ت??دد ۽ انتهاپسندي جي خلاف متحد ٿيڻ گهرجي، پاڪستان بهتر حڪمت علي سان دهشتگردي تي ضابطو آندو آهي، عالمي اسلامي رابطا ليگ کي پاڻ ۾ اتفاق پيدا ڪرڻ جي لا??ِ حڪمت ع??لي بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳاله?? ايوان صدر ۾ رابطا عالم اسلامي (مسلم ورلڊ ليگ) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم ال عيسيٰ سان ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته دهشتگردي پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي پر بهتر حڪمت ع??لي سبب پاڪستان ان تي ضابطو آندو آهي، دهشتگردي پاڪستان جو ئي نه پر عالمي دنيا جو مسئلو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ او آءِ سي سميت سمورن ملڪن کي گڏجي حڪمت ع??لي ٺاهڻي پوندي.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری