يوڪاهاما – 07 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جاپاني ڪمپنين تي زور ڀريو آهي ته اهي پاڪستان ۾ اقتصادي موقعن مان فائدو کڻن، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ جاپاني ڪمپنيون شاندار منافعي ۾ هلي رهيون آهن. هو جاپان جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير تارو آسبو سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو جنهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف گورنرز جي 50 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان ج??پاني هم منصب کي آگاهه ڪندي اسحاق ڊار دنيا کي وڏي پيشيواراڻي سر??سز فراهم ڪندڙ فرم پي ڊبليو سي پا??ان تازو ئي ??ار?? ڪيل رپورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان 2030ع تائين جي 20 جو ميمبر هوندو، جاپان جي ڊپٽي وزيراعظم پاڪستان ۾ حڪمران پا??ٽي جي اقتصادي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل شعبي سميت ٻين شعبن ۾ جاپاني ۽ عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا آهن.
جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ اقتصادي موقعن مان فائدو کڻن: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا