نيويارڪ -25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي گروپ آف فرينڊز جي پينل ۾ 2023ع تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن جو گروپ اجلاس نيويارڪ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي هدف مطابق 2030 تائين جگر ج?? مرض هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي هٿي وٺائڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي آمريڪا ۾ پاڪستان جي ??في?? مسعود خان ڪئي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي صحت وارن وزيرن، نمائندن، ڊبليو ايڇ او جي عهديدارن ۽ گڏيل قومن جي ??في??ن شرڪت ڪئي. مسعود خان چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس جي چئلينج کي منهن ??يڻ ۽ 2030 تائين ان جي خاتمي جي ڊبليو ايڇ او جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ??يو ته اسان جي ترجيحن ۾ نيشنل اسٽريتجڪ فريم ورڪ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، نگراني کي بهتر بڻائڻ، هيپاٽائيٽس بي جي خوراڪ جي ويڪسينيشن کي وڌائڻ، هيپاٽائيٽس سي وائرس (ايڇ سي وي) جي جاچ ۽ علاج جي سهولتن ۾ اضافو ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمن سان رابطا شامل آهي. انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان اسان 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي جي ويجهو پهچي وينداسين. 2022ع ۾ نيشنل هيپاٽائيٽس ايليمينيشن پروفائل (اين ايڇ اي پي) نيشيٽو جي شروعات جي لاءِ عالمي سطح تي هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ اتحاد جو حوالو ڏيندي هن ??يو ته پاڪستان 2030 تائين هيپاٽائيٽس سبب متاثر لکين ماڻهن جي سڪريننگ ۽ لکن جو علاج ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو. هن ??يو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس خلاف جنگ ۾ عالمي شراڪتدارن خاص ڪري گلوبل الائنس فار ويڪسينز اينڊ اميونائيزيشن (گاوي) جي اهم ڪردار کي ساراهي ٿو.
پاڪستان 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي مضبوط شراڪتداري قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال