بيجنگ-16 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ فن لينڊ جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪون ڏنيون. چيني خابرو اداري مطابق چيني صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ٻ??هي ڌُرين جي گڏيل ڪوششن سان چين ۽ فن لينڊ جي لاڳاپن ۾ پنهنجي روايتي دوستيءَ کي جاري رکيو ويو آهي ۽ ويجهن سالن ۾ نئين اڳڀرائي به ٿي آهي. ٻن??ي ملڪن هميشه گڏيل احترام، برابري واري سلوڪ ۽ گڏيل فائدي جي پاسداري ڪئي آهي ۽ـ مختلف شعبن ۾ عملي تعاون سان ٻن??ي ملڪن جي عوام کي ٺوس فائدو حاصل ٿيو آهي. چيني صدر چيو ته هو چين- فن لينڊ لاڳاپن جي ترقيءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، ا??هي آڌار تي چين ۽ فن لينڊ وچ ۾ دوستي جاري رکڻ، ڳالهين ۽ سهڪار ذريعي ٻن??ي ملڪن وچ ۾ مستقبل ۾ ٻَڌل نئين طرز جي شراڪتداري کي گهرو ڪرڻ، عالمي چئلينجن کي گڏيل طور تي مُنهن ڏيڻ ۽ عالمي امن ?? ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ صدر اليگزينڊر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.
چيني صدر جي فن لينڊ جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش