گڏيل قومون/ رمله – 19 اپريل (اي پي پي) آمريڪا گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي فلسطيني درخواست کي ويٽو ڪري ڇڏيو. سلامتي ڪائونسل فلس??ين جي گڏيل قومن جو مڪمل ميمبر بنجڻ واري ڪوشش کي آمريڪا طرفان هڪ وسيع حمايت يافته قرارداد تي ويٽو ڪر?? جي ڪري رو??ي ڇڏيو جنهن ۾ فلس??ين کي اداري ۾ مڪمل رڪنيت جو درجو ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. الجزائر طرفان 15 رڪني ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ان ت??ويز جي حق ۾ 12 ووٽ مليا، آمريڪا ان جي خلاف ووٽ ڏنو جڏهن ته سوئٽزرلينڊ ۽ برطانيا ان ۾ حصو نه ورتو. گڏيل قومن ۾ فلس??ين جي نمائندي رياض منصور ڪائونسل کي ٻڌايو ته اسان ڪنهن جي جاءِ نه ٿا وٺڻ چاهيون بلڪه گڏيل قومن ۾ برابري جي بنياد تي داخل ٿيڻ چاهيون ٿا. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ فلس??ين کي مڪمل رياست جي رڪنيتڏيڻ واري درخواست کي ويٽو ڪر?? کي فلس??ين شديد تنقيد جو نشانو بنائيندي ان عمل جي مذمت ڪئي آهي. فلسطيني صدر محمود عباس آمريڪا طرفان درخواست کي ويٽو ڪر?? واري عمل جي مذمت ڪندي چيو ته اهو قدم غير اخلاقي ۽ غير منصفاڻو آهي.
آمريڪا گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي فلسطيني درخواست کي ويٽو ڪري ڇڏيو، فلسطين جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن