گڏيل قومون -07 مئي (اي پي پي ) گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ (يونيسيف ) جبري لڏ پلاڻ ۽ حملي خلاف خبردار ڪندي چيو آهي ته غزه جي ڏکڻ پاسي رفع ۾ 6 لک ٻارن لاءِ ڪا به جڳهه محفوظ ناهي . عرب نيوز موجب يونيسيف هڪ لکت واري بيا?? ۾ ??سرائيلي فوج پاران رفع جي اوڀر پاسي ڪجهه علائقن کي خالي ڪرڻ جي هدايت کان پوءِ جاري ڪيو آهي ته بي گهر فلسطينين کي پناهه ملي سگهي . بيا?? ۾ ??ن ڳالهه جو اشارو ڪيو ??يو آهي ته لکين ٻار زخمي ، بيمار ، غذائي کوٽ صدمي جو شڪار ۽ معذوري جي حالت ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. يونيسيف ٻارن کي زبردستي بي گهر نه ڪرڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي حفاظت جو مطالبو ڪيو آهي . غزه ۾ انساني صورتحال بدتر ٿيندي ٿي وڃي. رفح تي فوجي حملي جا 6 لک ٻارن لاءِ سنگين نتيجا هجڻ تي خبردار ڪندڙ بيان ۾ چيو آهي ته انهن علائقن ۾ ٻارن جو انگ تمام وڌيڪ آهي . بيان ۾ ا ڳالهه تي زور ڏنو ??يو آهي ته ان علائقي ۾ 12 لک ماڻهن پناهه ورتي آهي يوسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل چيو ته رفح هاڻي انهن ٻارن جو شهر آهي جن وٽ غزه ۾ وڃڻ لاءِ ڪا به محفوظ جڳهه ناهي جيڪڏهن وڏي پيماني تي فوجي آپريشن شروع ٿيندو آهي ته جسماني ۽ ذهني صورتحال جي اعتبار سان مشڪلاتون درپيش ٻار نه صرف تشدد ??لڪي افراتفري ۽ خوف حراس کان به متاثر ٿيندا بيان ۾ چيو ??يو آهي ته ٻن سالن کان گهٽ عمر جا 78 هزار ۽ 5 سالن کان گهٽ جا هڪ لک 75 هزار ٻار آهن ٻن سالن کان گهٽ عمر جا 88 هزار ٻار شديد غزائي کوٽ جو شڪار آهن 65 هزار ٻار معذور آهن سمورن ٻارن کي نفسياتي مدد ??ي رورت آهي .
غزه ڏکڻ پاسي رفع ۾ 6 لک ٻارن لاءِ ڪا به جڳهه محفوظ ناهي: يونيسف
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا