اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ۽ سي پيڪ تحت جاري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان خطي ۾ هڪ نئين طاقت بڻجي اڀرندو. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ قطر جي توانائي ۽ صنعت واري وزير ڊاڪٽر محمد بن صالح السده سان ملاقات دوران چئي. صد?? چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان فائدو حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ وچ ايشيائي رياستن ۽ ٻين ملڪ?? ان ۾ شامل ٿيڻ ج?? خواهش جو اظهار ڪيو آهي. سي پيڪ منصوبي سان نه ر??و پاڪستان پر پورو خطو ۽ ان سان گڏوگڏ وچ ايشيائي رياستون به فائدو کڻي سگهنديون.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا