اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو چيو آهي ته فوجي طاقت جي استعمال ۽ هٿيارن جي ڊوڙ سان تڪرارن جو حل ممڪن ناهي، جمهوريت اسان جي ماڻهن جي مفادن ۽ مسئلن جو بهترين تحفظ آهي، جمهوريت فيصلا سازي ۾ به اهم ڪردار رکندڙ آهي، جمهوريت جي ڪري ئي انڊونيشيا ۾ معاشي واڌ ويجهه جي شرح پنج سيڪڙو کان و??يڪ ۽ مستحڪم آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي دوستي نئين نئين قائم ناهي ٿي پر اسان پاڪستان جو ان لاءِ به قدر ڪندا آهيون ته پاڪستان اسان جي آزادي جي تح??يڪ ۾ ڪردار ادا ڪ??و، 17 آگسٽ 1995ع تي انڊونيشيا جي سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان جي باباءِ قوم قائد اعظم کي انڊونيشيا جي آزادي جي جد??جه?? جي حمايت تي انڊونيشيا جو سڀ کان و??و سول ايوارڊ ڏنو و??و، هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڪيترائي قدر گڏيل آهن.
جمهوريت جو فيصلا سازي ۾ اهم ڪردار آهي: انڊونيشيا جو صدر
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل