اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمب??ي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه نئين چونڊيل اسپيڪر اسد قيصر کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي هن ملڪ جي خودمختيار پارليامينٽ آهي ?? ان کي قائم رکڻ جي لاءِ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي. قومي اسيمب??ي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پنهنجي پارٽي ۽ ايوان جي طرفان نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ته هن پارليامينٽ جو تقدس بحال رکون، هن ملڪ ۾ جمهوريت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سبب اسان کي نظر اچي ??ي جنهن کي اسان قائم رکنداسين، اسان کي ماضي جو تلخ تجربو آهي ماضي ۾ ڪوششون ڪيون ويون هيون ته پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو نه ڪري پر پارليامينٽ ۽ هن وقت اپوزيشن جمهوريت کي قائم رکڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا