ڪراچي – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ۽ چيف اسڪائوٽ پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسڪائوٽس ٻارن کي روايتي مهارتون سيکارڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي کان ??ه روشناس ڪرايو وڃي، اسڪولز جي ٻارن سان گڏ مدرسن جي ٻارن کي به شامل ڪريو، اسڪائوٽس ايندڙ سال جي لاءِ هدفن ۾ اسڪائوٽ جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافي، اسڪائوٽنگ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ادارن ۽ نيون مهارتون سيکارڻ به شامل ڪريو، ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسڪائوٽس ايسوسيئيشن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي حل ڪرڻ ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ بو??ءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي صوبائي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد پاڪستان ??واءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي 75 هين قومي ڪائونسل جي اجلاس جي دوران ڳا??ها??يندي ۽ ان کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria