اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جو دورو ڪيو جتي پي آءِ او سهيل علي کيس حڪومتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ، پي آءِ ڊي جي آپريشنل معاملن، اشتهار جاري ڪرڻ بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته حڪومت قدمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پي آءِ ڊي جو اهم ڪردار آه??، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پاران ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سنسرشپ نه آهي، حڪومت ميڊيا ج?? آزادي ۽ اظهار را??ِ جي آزادي تي پڪو يقين رک?? ٿ??، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن، هن دور ۾ مڪمل ٿيندڙ منصوبن، ان جي عوام تائين ثمر، عوام جي سامهون آڻينداسين. هن چيو ته احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام، پناهگاهن، لنگر خانن جهڙن منصوبن جي باري ۾ عوام کي بهتر انداز کان آگاهه ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ