اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ۽ چين اسٽر??ٽج?? ڀا??يوار آهن. اهڙو اظهار هن پنهنجي چيني هم منصب وانگ زي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پرڏيهي وزير چي?? ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ان جي روشني ۾ پاڪستان افغان امن عمل جي پرعزم حمايت ڪئي. هن پاڪستان ۽ چين ٽرائيڪا پلس جو حصو هوندي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. پرڏيهي وزير افغانستان جي صورتحال ۽ آئينده جي لائحه عمل جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ رٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت چيني هم منصب کي آگاهه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نهايت ضروري آهي ته افغان عوام ۽ ان جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
پرڏيهي وزير زور ڀري?? ته افغانستان جو جامع سياسي تصفيه ضروري آهي جنهن جي لاءِ سمورن افغانين کي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چي?? ته عالمي برادري طرفان افغان عوام جي حمايت جاري رکڻ اڻٽر آهي، پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي هن ڳالهه تي زور ڀري?? ته عالمي برادري کي افغانستان جي مسلسل معاشي معاونت برقرار رکڻي پوندي. پرڏيهي وزير پنهنجي چيني هم منصب کي افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
هن چي?? ته پاڪستان ۽ چين لوهي ڀا??ر ۽ اسٽر??ٽج?? شراڪتدار آهن. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ اهميت جي معاملن تي ويجها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي روايت موجود آهي. پرڏيهي وزير چيني پرڏيهي وزير کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي علائقائي اتفاق راءِ جي حاصلات لاءِ پنهنجي متوقع دورن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ اسٽيٽ قائونصلر زانگ وي گڏيل مقصدن خاص ڪري افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.