اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عثمان ڊار چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا، جنهن سان 40 هزار نوان ڪاروبار شروع ٿيندا، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ارب رپين جا قرض ڏنا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن. ماضي جي حڪومتن نوجوانن ۽ راندين جي سرگرمين کي نظر انداز ڪيو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هاءِ ٽيڪ اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم عمران خان سڀ کان پهرين ماحولياتي تبديلي تي ڳالهه ڪئي، حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو ??ال قرار ڏنو آهي ۽ ??ال 2022ع ۾ نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون وينديون، يونيورسٽين ۾ صحتمند سرگرمين لاءِ يوٿ گرين موومينٽ جي شروعات ڪئي ويندي، ڪامياب جوان پروگرام تحت 18 کان 45 ??ال جي عمر جو هر شهري قرض لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته ??ال 2021ع کان ڪامياب جوان پروگرام جا ??يڪ?? منصوبا شروع ڪيا انهن جا سڀئي هدف حاصل ڪيا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت هاڻي تائين 30 ارب رپيا تقسيم ڪيا ويا ۽ 27 ارب 2021ع ۾ تقسيم ٿيا. ??ال 2020ع ۾ ڪورونا سبب هر طرف بندش هئي جنهن ڪري ڪامياب جوان قرض اس??يم تي ڪم نه ٿي سگهيو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن سان واعدو آهي ته هن ??ال 50 ارب رپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت تقسيم ڪيا ويندا. هن چيو ته ??ال 2023ع نوجوانن جو ??ال ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ ڪامياب جوان پروگرام کان سواءِ نوجوانن جي معاملن واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هلندڙ ??ال نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون وينديون ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته 12 آگسٽ تي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان کي ميزباني ملي ته جيئن پاڪستاني نوجوانن جو اميج سڄي دنيا آڏو رکي سگهون.
تحريڪ انصاف جي حڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا، مسلم ليگ(ن) پنهنجي 5 سالا حڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا: عثمان ڊار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن