اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ (يونيسيف) جي نئين مقرر ٿيندڙ ايگزيڪيوٽ?? ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ يونيسيف جي پروگرام ۽ افغانستان ۾ انساني همدردي بابت قدمن جي صورتحال تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. وزيراعظم حڪومت ۽ يونيسيف جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي اهم قدمن ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ حڪومت جي ترجيحي قدمن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلائن ۾ اضافي، حفاظتي ٽيڪن جي پروگرامن ۾ وسعت، ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري تعليمي نظام جي بنيادي ڍانچي ??ي بهتر بڻائڻ جهڙا قدم شامل آهن. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران جي خ??تم?? لاءِ پاڪستان جي ??وششن بابت پڻ ٻڌايو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي امدادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان پاران قائم ڪيل ”انساني همدردي جي لنگهه“ جو حوالو ڏنو. يونيسيف جي ايگزيڪيوٽ?? ڊائريڪٽر پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ پاڪستان حڪومت جي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ يونيسيف جي عزم کي ورجايو. هن افغانستان ۾ يونيسيف جي ??م ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. يونيسيف پاڪستان جو هڪ اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ حڪومت سان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن بابت مسئلن جي حل جي لاءِ گڏجي ??م ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان سان يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا