اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب اهلڪار جي سزا برقرار رکي آهي. صدر نيب اهلڪار جي ڪرپشن جي لاءِ سرڪاري معلومات ليڪ ڪرڻ تي سزا جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي ڪيسز ۾ مل??ث ٻين آفيسرن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري، افسوس جو بدعنواني جي خاتمي لاءِ ذميوار اداري نيب جي اندر ئي ڪرپشن ڪئي وئي، تفصيل موجب نيب جي اسسٽ??ٽ پرائيويٽ سيڪريٽري (بي ايس 16)، نعمان اقبال، غيرقانوني طور تي غيرمجاز ماڻهن کي سرڪاري معلومات ڏني، انڪوائري ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اهلڪار کي 5 سال جي لاءِ هيٺئين پوسٽ تي تنزلي جي سزا ڏني وئي. نيب اهلڪار سزا جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري رکي هئي. نيب ڪراچي سورس رپورٽ جي بن??اد تي انڪوائري جي اپيل ڪندڙ جي موبائيل مان ڳجهو رڪارڊ مل??و. نيب اهلڪار جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ دستاويزن سان پڻ ڏوهه ثابت ٿيو. نيب نعمان اقبال جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. انڪوائري ڪميٽي درخواستگذار کي بدانتظامي ۽ سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي الزام ۾ قصوروار قرار ڏنو. نعمان اقبال نيب اييمپلائيز سروسز رولز تحت صدر کي سزا جي خلاف اپيل داخل ڪئي. صدر چيو ته نيب اهلڪار فيصلي جي خلاف ڪو معقول سبب يا اضافي جواز فراهم نه ڪيو، اه??ي ماڻهو جي لاءِ 5 سال جي سزا انصاف نه آهي، سزا وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي ها. صدر اپيل رد ڪندي چيو ته نيب معاملي ۾ مل??ث بين آفيسرن جو قصور ثابت ٿيڻ تي انهن کي دوکيبازي، ملڪ ج?? تشخص خراب ڪرڻ تي سزا ڏي.
صدر پاران سرڪاري معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب اهلڪار جي سزا برقرار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی