ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنج??ن وڏو ملڪ آهي، جيڪڏهن آبادي تي ضابطو نه آندو ويو ته 2050ع تائين پاڪستان جي آبادي 36 ڪروڙ ٿي ويندي. هو انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنيجمينٽ (آئي بي اي??) جي اهتمام هيٺ پاپوليشن ريسرچ ڪانفرنس 2023ع جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو ته آبادي ۾ اضافي سان پاڪستان کي وڏو چئلينج درپيش آهي، آبادي ۾ اضافي جي نتيجي ۾ شهرن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، وسيلن جي کوٽ ۽ وسيلن جي اڻبنرابري ورڇ جهڙا آبادياتي چئلينجز جنم وٺي رهيا آهن جنهن سان غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙن کي تعليم، خوراڪ، رهائش ۽ صحت جي مناسب سهولتن تائين پهچ نه آهي. هن چيو ته ڳوٺاڻي علائقن جي عو??تن ۾ ڄم جي روڪ جون گولين بابت آگاهي نه آهي ۽ ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ پهچ مشڪل آهي. خاتون اول چيو ته عو??تن کي بااختيار بڻائي ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪري وڌيڪ آبادي جي ڪري پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي تڪرار کي جزوي طور تي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ آبادي ۾ اضافي جي اهم م??ضوع تي ڪم ڪرڻ تي آئي بي اي?? کي ساراهيندي هن پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ڪئي ۽ انتظاميا کي چيو ته تحقيق جا نتيجا لاڳاپيل ڌرين سان شيئر ڪيا وڃن ته جيئن ان مسئلي جي حل لاءِ خاطرخواهه قدم کڻي سگهجن.
پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر